دولت خان پنيو

دولت خان پنيو: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته، جڏهن سبيءَ جو علائقو ميان يار محمد خان جي حوالي ٿيو، تڏهن پهرين پنهنجي ڀاءُ ميان مير محمد خان کي سبيءَ جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيائين، بعد ۾ پنهنجي پٽ محمد دائود کي هي علائقو سپرد ڪيائين. ان وقت سبي ۾ بخار جو وبائي مرض ڦهلجي ويو، جنهن ۾ ڪو به شخص بيماريءَ کان محفوظ نه رهيو. ميان دائود خان ڪلهوڙو به سخت بيمار ٿي پيو، جنهن کانپوءِ مجبور ٿي پنهنجي پيءُ ميان يار محمد ڏانهن موٽي ويو. هن جي وڃڻ کانپوءِ خان پنيو'>دولت خان پنيو پنهنجي ساٿين رحيم ۽ يوسف پٺاڻ جي مدد سان سبيءَ ۽ ڍاڍر جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، ڇو ته قلعي ۾ موجود سپاهي وبائي مرض سبب وڙهي نه سگھيا ۽ چپ چاپ ڪري هليا ويا. اها خبر جڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي کي پئي تڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي ٻئي پٽ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي فوجي لشڪر ڏئي سبي روانو ڪيو. ميان نور محمد ڪهلوڙي، سبيءَ تي حملو ڪري، ڍاڍر جي قلعي کي گھيرو ڪيو. ان کانپوءِ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان نور محمد جي فوج ميدان ۾ رحيم، يوسف، گوهر ۽ پٺاڻن جي سردار پنجو کي گھڻي فوج سميت قتل ڪري ڇڏيو. انکانپوءِ ڪلهوڙن کي فتح حاصل ٿيڻ لڳي، اهو ڏسي دولت خان ۽ سبزل خان گھٻرائجي ويا ۽ اچي ميان نور محمد خان ڪلهوڙي وٽ پيش پيا. ان کانپوءِ جنگ ختم ٿي وئي. رات جي وقت خان پنيو'>دولت خان پنيو ۽ سبزل خان پنهنجي ماڻهن سميت وجهه وٺي ڀڄي نڪتا. ميان نور محمد جي فوج هنن جي پويان پئي،جنهن سبب دولت خان جا گھڻا ئي سپاهي مارجي ويا پر خان پنيو'>دولت خان پنيو ۽ سبزل خان بچي ڀڄي ويا.


لفظ دولت خان پنيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو